دائود مخدوم

دائود، مخدوم: ’تحفة الڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي ڄاڻائي ٿو ته مخدوم دائود مفتي ٺٽوي، مشهور معروف شخصيت مخدوم حاجي سبزواريءَ جو فرزند هو. مخدوم دائود مفتي وڏو عالم فاضل هو. هن جو پٽ مخدوم ابوالقاسم پڻ وڏو عالم هو، مدرسو قائم ڪيو هئائين، جتي تعليم ڏيندو هو. مخدوم دائود مفتيءَ کي اورنگزيب عالمگير شرعي وڪيل مقرر ڪيو هو.
هن 1113هه/ 1701ع ۾ وفات ڪئي. مخدوم رحمت الله طالب علم سندس وفات تي هيٺين ماده تاريخ چئي آهي:
ذهب العلم من السند
1113هه
(ترجمو: سنڌ مان علم لڏي ويو.)


هن صفحي کي شيئر ڪريو